شاهه عبداللطيف صوفي ٺٽوي

شاهه عبداللطيف صوفي ٺٽوي: وحدت الوجود جو قائل ۽ تصوف ۾ هڪ وڏي جماعت جو مرشد، اسماعيل صوفي ٺٽويءَ جو دوست ۽ مريد وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ، مخدوم معين ٺٽويءَ جي دوستن مان هو. هڪ دفعي مخدوم محمد معين سندس ملاقات لاءِ آيو. موسيقيءَ يا راڳ بابت گفتگو ڇڙي پئي. صوفي عبداللطيف مخدوم عرض ڪيو ته راڳ جي علم جي مون کي به ڪافي ڄاڻ آهي ۽ پوءِ پاڻ اهڙي سهڻي انداز ۾ ڳايائين، جو حاضرين حيران رهجي ويا. ماڻهن جي دلين تي هڪ عجيب ڪيفيت ڇانئجي وئي. ڪڏهن ڪڏهن فارسيءَ ۾ شعر به چوندو هو. سندس وفات جو سال معلوم نه ٿي سگھيو آهي، پر سندس هم عصرن کي مدنظر رکي کيس ٻارهين صدي هجريءَ جي صوفياءِ ڪرام ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو